Monday 13 June 2011

“کاھوڙي جي سوچ” عالمي امن جي بقا لاءِ پاڪستان جي فنا ضروري آھي!

پاڪستان بتدريج نفئَ ڏانھن وڌي رھيو آھي، جيئن ڪو جسم جڏھن فطري عمر پوري ڪري وڃي ته ان جسم ۾ ھڪ ٻئي جي ڪڍ لڳاتار بيماريون ظاھر ٿينديون آھن. ساڳئي ريت پاڪستان ۾ به مسلسل اھڙا واقعا ٿي رھيا آھن ، جيڪي واقعا ان جي رياستي بنيادن کي ڪمزور ڪري رھيا آھن، اُسامه جي واقعي جا اثر اڃا ختم ئي نه ٿيا ھئا ته پي اين ايس مھراڻ بيس تي ٿيندڙ مليٽنگ ڪاروائي پاڪستان جي فوجي طاقت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا.سن 2001ع ۾ آمريڪا جڏھن افغانستان تي حملو ڪيو ھو،ان وقت پاڪستان جو صدر پرويز مشرف ھو، ان ٽي وي اسڪرين تي اچي اھو اعتراف ڪيو ته اسان آمريڪا جي عالمي طاقت سان ٽڪر کائي نه ٿا سگھون ان ڪري پاڪستان جي بقا لاءِ اسان آمريڪا سان ھر قسم جو تعاون ڪنداسين. پرويز مشرف طرفان پاڪستان جي مرندڙ وجود کي بچائڻ جي اھا آخري ڪوشش ھئي ، ان جي عيوض پاڪستان کي پنھنجي سرحدن اندر آمريڪي فوج کي پنھنجا اڏا قائم ڪرڻ لاءِ بيس ڏيڻا پوندا.
پرويز مشرف اھڙو عمل ڪيو جھڙو عمل ڄام فيروز ارغوني سپاھين کي سنڌي فوج ۾ ڀرتي ڪري، ڪيو ھو. ارغوني سپاھي ڀرتي ڪري ڄام فيروز پاڻ کي سنڌ جو خودمختيار حڪمران سمجھي پيو. ساڳئي ريت پرويز مشرف آمريڪي فوج کي پنھنجا اڏا ڏئي پاڪستان کي خودمختيار ۽ آزاد ملڪ سمجھي پيو. جھڙئَ ريت شاھ بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڪيو ھو ، ساڳئي ريت جنھن وقت آمريڪي چاھي پاڪستان تي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو، جنھن جو ثبوت ايبٽ آباد ۾ اُسامه جي حويلي تي ٿيندڙ آپريشن آھي. ان آپريشن مان ھڪ ڳالھ واضح ۽ چٽي ٿي وئي ته آمريڪي فوج جڏھن به جتي به چاھي پاڪستان کي ملٽري ڇانوڻين جي علائقي ۾ ڪاروايو ڪري سگھي ٿي. ٻين لفظن ۾ اھو ئي چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان جي پوري جاگرافي آمريڪي فوج جي پھچ ۾ آھي ۽ آمريڪا جنھن خطي جو ڪنٽرول وٺڻ چاھي پاڪستاني فوج ان کي روڪي نه ٿي سگھي. ان صورتحال ۾ خودمختيار پاڪستان جي دعويٰ ڪرڻ مزاحقه خيز ۽ احمقانه لڳي ٿي.اُسامه جي موت ڪافي سوال پيدا ڪيا آھن، جن مان پھريون سوال اھو آھي ته اُسامه جنھن بلڊنگ ۾ رھي پيو اھا بلڊنگ پاڪستان جي فوجي ڇانوڻين جي علائقي ۾ موجود ھئي. ان مان ظاھر ٿو ٿئي ته اُسامه کي پناھ ڏيندڙ پاڪستاني فوج پاڻ ھئي، جيڪڏھن پاڪستان انڪار ٿو ڪري ته پاڪستاني فوج کي اُسامه جي موجودگئَ جي ڪا خبر نه ھئي ته پوءِ اھو تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جا جاسوس ادارا جن تي اربين روپيا خرچ ٿي رھيو آھي اھي ايترا نااھل ٿي سگھن ٿا، جو انھن کي پنھنجي گھر ۾ رھندڙ ماڻھن جي به خبر نه ھجي. پاڪستان جو جاسوس ادارو آءِ ايس آءِ جنھن لاءِ مشھور آھي ته اھو دنيا جو خطرناڪ ترين ادارو آھي. جيڪو فلسطين ، ڪشمير ، چيچنيا، بوسنيا ۽ فلپائن سميت پوري دنيا اندر فوجي ڪاروايون ڪري رھيو آھي، انھن کي اھا خبر ته ھجي ته اُسامه انھن جي فوجي ڇانوڻين ۾ رھيل ھجي.پاڪستان طرفان اھڙي بيان بازي سواءِ ٺڳئَ جي ٻيو ڪجھ به ٿي نه ٿي سگھي، جيڪڏھن آمريڪي انتظاميا پاڪستان جي انھن ٺڳي وارن بيانن تي اعتبار ڪري ٿي ته پوءِ يقينن آمريڪي حڪومت سنگين غلطي ڪري رھي آھي ڇو ته اُسامه جي رھائش گاھ پاڪستان جي ملٽري اڪيڊمئَ جي نڪ ھيٺان آھي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمئَ جو سابق انچارج جنھن کي افغاني طالبان ڪرنل امام ڪري سڏيندا آھن، ان ھڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي پاڻ اعتراف ڪيو ھو ته مُلا عمر ۽ اُسامه بن لادن سميت افغاني طالبان  کي سويت يونين جي خلاف جنگي تربيت  ان پاڻ ڏني ھئي ۽ اھي مليٽنٽ ھڪ ڊگھي عرصي تائين پاڪستان جي ملٽري اڪيڊمئَ ۾ تربيت وٺندا رھيا ھيا. ان مان ظاھر ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ملٽري اڪيڊمي ، آمريڪا جي خلاف به افغاني ۽ پاڪستاني طالبانن کي تربيت ڏيندي رھي آھي . ملٽري اڪيڊمئَ جي قريب اُسامه جي رھائش گاھ اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ته القاعده جا ميمبر ان ملٽري اڪيڊمئَ ۾ تربيت وٺندا ھيا ۽ اُسامه جي رھائش گاھ القائده جي ميمبرن جي ھڪ اھم تربيت گاھ ۽ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر ھئي. جيڪڏھن آمريڪي انٽيليجنس پنھنجي ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي رھي آھي . ڇو ته پاڪستاني تربيت گاھن ۾ تربيت وٺندڙ دھشتگرد ڪنھن به وقت آمريڪي عوام لاءِ موت بڻجي سگھن ٿا. ڇو ته دھشتگرد ھميشه عوام کي نشانو بڻائيندو آھي.آمريڪا جي موجوده حڪومت پاڪستان جي خلاف سخت ڪاروائي ان ڪري نه ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اوباما جي ڪاميابئَ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. پاڪستان کي ھميشه ريپبلڪن پارٽي مان خطرو رھيو آھي ۽ جڏھن به آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿينديون آھن.آمريڪا ۾ رھندڙ پاڪستاني ۽ پاڪستاني ميڊيا جي اھا ڀرپور ڪوشش ھوندي آھي ته ريپبلڪن پارٽي چونڊن ۾ ھارائي ڇو ته ريپبلڪن پارٽي ھميشه اھڙن ملڪن جي ڪاروائي خلاف فوجي ڪاروائي ڪئي آھي، جيڪي ملڪ طالبان ۽ القاعده کي پناھ ڏيندا رھيا آھن. افغانستان خلاف ڪاروائي ريپبلڪن پارٽي جي صدر بش ڪئي ھئي ۽ عراق جي خلاف ڪاروائي ريپبلڪن پارٽي جي دور ۾ ٿي ھئي.پاڪستان کي ھميشه ريپبلڪن پارٽئَ مان خطرو رھندو آھي ته ريپبلڪن پارٽئَ جي حڪومت ڪنھن به وقت پاڪستان خلاف فوجي ڪاروائي ڪري سگھي ٿي. ڊيموڪريٽڪ پارٽئَ جي پاليسي جئين ته فوج ڪشئَ واري ناھي ۽ جڏھن به آمريڪا تي ڊيموڪريٽڪ حڪومت رھي آھي انھن ڪڏھن به ڪنھن ملڪ تي حملو ناھي ڪيو. ان ڪري پاڪستان انٽيليجنس جي ھميشه اھا ڪوشش رھي آھي ته آمريڪا ۾ اقتدار ڊيموڪريٽڪ پارٽئَ جي ھٿ ۾ رھي ۽ ريپبلڪن حڪومت ۾ اچي نه سگھي. جئين آمريڪي سي آءِ اي پاڪستان خلاف فعال رول ادا نه ڪري سگھي ۽ آءِ ايس آءِ دنيا اندر ڪاروايون ڪندي رھي.ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ انھئَ امڪان کي رد ڪري نٿو سگھجي ته خود آءِ ايس آءِ اُسامه کي پاڻ مارايو ھجي ته جئين اُسامه جي پتي کي استعمال ڪري اوبامه 2012ع جون صدارتي چونڊون کٽي اچي ۽ آءِ ايس آءِ کي وڌيڪ مراعتون ملن ڇو ته اسامه کي 35منٽن جي مختصر ڪاروائي ۾ ايتري آسانئَ سان مارايو ويو جيتري آسانئَ سان ڪو جھرڪي جي ٻچي جو شڪار به نه ڪري سگھندو آھي.آءِ ايس آءِ جي اھا خاصيت رھي آھي ته اھا استعمال ڪرڻ کان پوءِ اڪثر پنھنجي محسنن کي مارائي ڇڏيندي آھي.ھن وقت آءِ ايس آءِ پاڪستاني طالبانن کي طاقتور ڪري رھي آھي ان ڪري پاڪستاني طالبان کي پوري نيٽ ورڪ تي حاوي ڪرڻ لاءِ آءِ ايس آءِ القاعده ۽ افغاني طالبان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي ته مستقبل ۾ به القاعده جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو وڃي. اسامه کان پوءِ مُلا عمر جو قتل ان سلسلي جي ڪڙي ٿي سگھي ٿي. آءِ ايس آءِ اوبامه کي صدارتي چونڊون کٽائڻ لاءِ چالون ته کيڏي رھي آھي پر ريپبلڪن پارٽي آمريڪا ۾ ايتري ڪمزور نه آھي جو ان کي آسانئَ سان شڪست ڏئي سگھي . 2010ع آمريڪا اندر ٿيندڙ ڪانگريس جي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان کٽي آيا ھئا، انڪري اھو امڪان غالب آھي ته 2012ع جي صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جو اميدوار صدارتي چونڊون کٽي اچي. ريپبلڪن پارٽئَ جي طرفان صدارتي اميدوار “رون پال” اليڪشن کان اڳ ئي پاڪستان متعلق پنھنجي موقف جي وضاحت ڪري ڇڏي آھي، ھڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي رون پال چيو ته “ اسان پاڪستان اندر آمريڪي فوجون لاھينداسين.”  2012ع ۾ جيڪڏھن ريپبلڪن پارٽي کٽي ٿي اچي، جنھن جا امڪان گھڻا آھن ته پاڪستان جي Disintegration جا چانس وڌي ويندا. ان عرصي دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي انقلابي قوتن کي به ڀرپور تياري ڪرڻ کپي.اوباما جي حڪومت کي سي آءِ اي غير فعال رکيو ويٺي آھي، ڇو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽئَ جي ھميشه اھا پاليسي رھي آھي ته اھا سي آءِ اي کي کلي ڪاروائي ڪرڻ نه ڏيندي آھي. بل ڪلنٽن جي دور ۾ جڏھن سي آءِ اي کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ريپبلڪن پارٽي 1997ع ۾ ھڪ پرائيويٽ ملٽري تنظيم قائم ڪئي ھئي، جيڪا بليڪ واٽر جي نالي سان مشھور آھي. 2001ع کان 2008ع تائين جيترو وقت آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي اقتدار ۾ رھي بليڪ واٽر پوري دنيا ۾ اھم رول ادا ڪيو. جڏھن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ھو ان وقت بليڪ واٽر افغانستان جي انھن مليٽنٽ گروپن کي تربيت ڏني ھئي. جيڪي طالبان خلاف وڙھي رھيا ھئا. عراق ۾ به طالبان مخالف فوجن کي بليڪ واٽر فوجي تربيت ڏني ھئي.پي اين ايس مھراڻ تي جيڪا ڪاروائي ٿي ان ڪاروائي جي پويان بليڪ واٽر جا تربيت يافته ڪمانڊوز موجود ھيا. اھو ئي سبب ھو جو انھن ڪمانڊوز خلاف مھراڻ بيس تي پاڪستاني فوج نه آئي. ڇو ته دنيا جون اڪثر فوجون بليڪ واٽر سان ٽڪر کائڻ کان لنوائن ٿيون. پي اين ايس مھراڻ تي بليڪ واٽر آپريشن جو پس منظر اھو ھيو ته 2010ع ۾ آمريڪا پاڪستان کي جيڪي جنگي جھاز ڏنا ھئا انھن جنگي جھازن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي نسب ٿيل ھئي. جنھن ٽيڪنالاجي وسيلي سمنڊ جي سطح ۽ سمنڊ جي تري تائين ننڍي کان ننڍي شئَ کي ڏسي سگھجي پيو. اھا ٽيڪنالاجي ان وقت تائين آمريڪي ڪمپنين وٽ آھي، دنيا جي ڪنھن به ٻئي ملڪ ۾ ناھي. آمريڪا جي جديد جنگي جھازن ۾ نسب ٿيل اھا ٽيڪنالاجي پاڪستان ، چين کي ڏئي رھيو ھو، جئين چين اھا ٽيڪنالاجي استعمال ڪري اھڙا جھاز ٺاھي سگھي. ان ڪري جڏھن اوباما سي آءِ اي کي ڪاروائي ڪرڻ نه ڏني ته بليڪ واٽر جي ڪمانڊوز 2010ع ۾ مليل پاڪستان جا اھي ٻئي جنگي جھاز تباھ ڪري ڇڏيا. پي اين ايس مھراڻ تي فينچ اينڊ ڊچ جھازن سميت ٽن ڊزنن کان وڌيڪ جنگي جھاز ۽ ھليڪاپٽر موجود ھئاپر ڪمانڊوز صرف انھن جھازن کي نشانو بڻايو، جن جھازن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نسب ٿيل ھئي. اھي اطلاع به آھن ته حملي جي وقت چين جا 11 انجنيئر پي اين ايس مھراڻ تي موجود ھئا. جن کي مختلف بلڊنگس ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪمانڊوز پي اين ايس مھراڻ جي ھر بلڊنگ ۾ داخل ٿي چيني انجنيئرن جي تلاشي ڪئي، ڪن اطلاعن مطابق چا چيني انجنيئر ماريا به ويا ۽ ڪجھ چيني انجنيئرن کي يرغمال به بڻايو ويو. چين جي حڪومت اھا دعويٰ ڪئي آھي ته ان جا انجنيئر خير خوبئَ سان بحفاظت ٻاھر نڪري آيا آھن.چين جي ان اعتراف کانپوءِ اصولن اوباما جي حڪومت کي پاڪستان کان اھو سوال ڪرڻ کپي ته: “ چيني انجنيئر پي اين ايس مھراڻ بيس تي ڇا ڪري رھيا ھئا؟” ڇو ته آمريڪا جي جديد ٽيڪنالاجي پاڪستان طرفان چين کي ڏيڻ خود آمريڪا کي دوکي ڏيڻ جي برابر آھي، ان مان ظاھر ٿو ٿئي ته پاڪستان چين ۽ عرب ملڪن سميت سموري نيٽ ورڪ گڏجي سويت يونين وانگر آمريڪا کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿو. جيڪڏھن اوباما حڪومت پنھنجون پاليسيون تبديل نه ڪيو ۽ انھن تي نظرثاني نه ڪئي ته ان جا خطرناڪ نيتيجا پوري آمريڪا ۽ آمريڪي عوام ۽ دنيا جي پرامن قومن کي ڀوڳڻا پوندا.سائين جي ايم سيد جو قول آھي ته “ سنڌ ۽ پاڪستان ھڪ ٻئي جا ضد آھن، جيڪڏھن پاڪستان قائم رھيو ته سنڌ فنا ٿي ويندي ، سنڌ جي بقا لاءِ پاڪستان جي فنا ضروري آھي.”
سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ اھو به چيو ھيو ته : “ پاڪستان ھڪ اھڙو دھشتگرد ملڪ آھي، جيڪو اسلام جي نالي تي پوري دنيا کي فتح ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪڏھن ان کي ھاڻي نه روڪيو ويو ته اھو ملڪ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي ويندو.” سائين جي ايم سيد جي پيشنگوئي حرف به حرف درست ثابت ٿي رھي آھي ، پاڪستان دھشتگردن جي سردار “حميد گل” جا اھي لفظ ته “ سويت يونين وانگر اسان افغانستان کي آمريڪا جو قبرستان بنائي ڇڏينداسين.”اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ته ھن وقت آمريڪا ۽ پاڪستان ھڪ ٻئي جو ضدبڻجي چڪا آھن، جيڪڏھن پاڪستان قائم رھيو ته آمريڪا فنا ٿي ويندو. آمريڪا ۽ عالمي امن جي بقا لاءِ پاڪستان جي بقا ضروري آھي.

جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان
کاھوڙي

No comments:

Post a Comment