Tuesday 7 June 2011

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ لاءِ خطرا: سنڌو جي ساڃاھ سائين جي ايم سيد


پاڪستان جي وجود قائم رھڻ سان مون کي سنڌ لاءِ ھيٺيان خطرا ۽ انديشا نظر اچي رھيا آھن:

 (1 سنڌ جي ايراضي 57 ھزار چورس ميل آھي ، پاڪستان جي قيام کان اڳ ان ۾ 50 لک ماڻھو آباد ھئا، جي ھاڻ وڌي ھڪ ڪروڙ ڇھانوي لک وڃي ٿيا آھن. ان ۾ ھن وقت تائين اٽڪل اسي لک ماڻھون ٻاھران اچي آباد ٿيا آھن.

(الف) آباديءَ جي توازن جو بدلجي، اصل سنڌين جي اقليت ٿيڻ جو ڊپ آھي.

(ب) زمين تي آدمشماريءَ جي بار وڌي وڃڻ ڪري معيار زندگي گھٽجي وڃڻ جو انديشو آھي.

(ت) سنڌ ۾ ٻاھران آيل ماڻھن کي حڪومت طرفان منظم طريقي سان وسائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي جنھن ڪري تجارت، بئنڪون ۽ ڪارخانا سندن حوالي ٿي ويا آھن، ۽ ائين ھو اقتصادي ميدان ۾ سرڪاري سرپرستئَ ۽ سرمائيدار طبقي جي مدد سان ملڪ تي حاوي ٿي ويا آھن. سنڌ جا پير، ملا ، زميدار ۽ اڪثر سياستدان مھاجر پنجابي سامراج جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رھيا آھن.

2) سنڌ جي ھن وقت لائق آباد سرزمين ٻه ڪروڙ ڏھ لک ايڪڙ آھي، جنھن مان ھندن جي ڇڏيل 30 لک ايڪڙ اڳيئي مھاجرن کي ڪليم ۾ ڏني ويئي آھي. نئينءَ حڪومت جون واڳون انگريزن، مھاجر پنجابي سياستدانن جي ھٿ ۾ ڏنيون ويون ھيون، جن سرڪاري طرح دعوت ڏيئي، ٻاھران ماڻھن کي گھرائي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرايو ھو. ازانسواءِ پنجابين کي مکي ڍنڍ، ڪوٽڙي بئراج ۽ گُڊوبئراج تي زمينون ڏيئي آباد ڪيو ويو آھي. زمين ورھائڻ لاءِ سرڪاري پاليسي اھڙيءَ طرح ٺاھي ويئي، جو غير سنڌي گھڻي زمين جا مالڪ بنجي ويا. جنھن ڪري ھن وقت تائين اٽڪل سٺ لک کن ايڪڙ زمين غير سنڌين جي قبضي ۾ اچي ويئي آھي. انھن ٻاھرين بيٺڪين ڪيترن ھارين کي ٻاھران گھرائي ھٿ ڪيل زمين تي آباد ڪيو آھي. انھئَ زمين مان جيڪا پيدائش ٿئي ٿي، سا پنجاب ۾ رھندڙ ماڻھن يا شھري مھاجرن جي فائدي لاءِ ڪتب اچي رھي آھي. ان ڪري سنڌي آبادگار طبقي جي حالت روز بروز زبون ٿيندي اچي.

3) سنڌين جي جدا قوم جي وجود کي ختم ڪري جملي پاڪستان جي مسلمانن لي مذھب جي نالي ۾ ھڪ قوم تصور ڪري، اُن جي بنياد تي آئين ٺاھي، سنڌ جي رھاڪن کي اقليت قرار ڏيئي، پاڪستان کي ھڪ ملڪ بنائي، ان ۾ سنڌ کي 21سيڪڙو نمائندگي ڏيئي، ھميشه پنجابي اڪثريت جو محڪوم بنايو ويو آھي. اِھا حالت جي ڳچ وقت تائين قائم رھڻ ڏني ويئي، ته ٿوري وقت اندر سنڌ جي ھزارھا ورھين جي ملڪ ۽ قوم جو نالو نشان ختم ٿي ويندو.

4) سنڌ ۾ برپا ڪيل اڪثر ڪارخانا غير سنڌين کي ھٿ ۾ ڏياريا ويا آھن، جن اُنھن ۾ مزدور به ٻاھران گُھرائي رکيا آھن. اھڙيءَ طرح انھن ڪارخانن جي سموري ڪمائي غير سنڌين جي حوالي ۾ اچي ويئي آھي. جنھن ڪري کين ساليانو پندرھن سئو ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ فائدوحاصل ٿئي ٿو.

5) سنڌ جو مکيه بندرگاھ ڪراچي شھر آھي. اُن ۾ ٻاھران آيل غير سنڌين جي اڪثريت کي آباد ڪري ، ملڪي ۽ ٻاھرئين واپاري جي واڳ سندن حوالي ڪئي ويئي آھي.

جنھن صورت ۾ واپار لاءِ سرڪاري سرپرستئَ جي ضرورت پور ٿي، ان ڪري سموري واپار تي قبضو غير سنڌين جو ٿي ويو آھي. اھي اگھن جي گھٽائي واڌايءَ ۽ ٻين مختلف طريقن سان اھڙي پاليسي اختيار ڪري رھيا آھن، جو سنڌ جو ديھاتي رھاڪن جي حالت روزبروز زبون ٿيندي وڃي، اھي غير ملڪي سرمائيدار انھئَ ڪمائيءَ مان ملڪ تي پنھنجي سامراج قائم رکڻ لاءِ ڪروڙ رپيا ساليانو خرچ ڪري، طرح طرح جي نظرين جي پروپيگنڊا ذريعي سنڌ جي رھاڪن جا دماغ مسخ ڪري پاڪستان ۾ غلاميءَ واريءَ زندگئَ ۾ راضي رھڻ لاءِ مجبور ڪري رھيا آھن.

6) سنڌ ۾ مسلم قوم جي نالي ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن تي بندش نه ھئڻ ڪري پاڪستان بنجڻ کان پوءِ اسي لک ماڻھن ٻاھران لڏي اچي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سڪونت اختيار ڪئي آھي، جا اھا حالت زياده وقت لا۽ جاري رھڻ ڏني ويئي، ته ٿوري وقت اندر سنڌ جا اصل رھاڪو اقليت ۾ ٿي ويندا، جنھن جو اثر سنڌ جي زبان ۽ ڪلچر تي پوڻ لازمي آھي.

7) پاڪستان جي مرڪزي حڪومت ۾ سنڌين کي اڪليت ۾ رکڻ ڪري ملڪي پاليسي اھڙيءَ طرح ھلائي وڃي ٿي جو سنڌ مان پيدا ٿيندڙ اڪثر ٽيڪس، جي اٽڪل ھڪ ھزار ڇھ سئو ڪروڙ رپين کان مٿي ساليانو انڪم ٽيڪس، ايڪسائيز ڊيوٽي، ڪسثمس ۽ سيلز ٽيڪس وغيره ذريعي وصول ٿين ٿا، سي مرڪزي حڪومت جي حوالي ٿين ٿا. جن مان 5سيڪڙو خرچ به سنڌي رھاڪن جي فائدي لاءِ نٿو ڪيو وڃي. ان لاءِ سنڌ مان وصول ٿيندڙ ٽيڪس کي غير سنڌين جي مفاد لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. اھو سنڌين سان ظلم ٿي رھيو آھي. جيڪڏھن انھيءَ ظلم خلاف ڪو آواز ڪڍي ٿو،ته ان کي پاڪستان ۽ اسلام جو دشمن سڏي ھن جي زبان بند ڪري سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.

8) مرڪزي حڪومت جي بجيٽ 80 سيڪڙو سنڌ جي ٽيڪسن تي مشتمل آھي، ته به اُن جي نوڪرين ۾ سنڌين کي ھڪ ھزار تي ھڪ جي تناسب سان به نمائندگي نٿي ڏني وڃي. ان ڪري ملڪ جي ساري ڪاروبار تي غير سنڌين کي اختيار حاصل ٿي ويوآھي. حالت اھا وڃي بيٺي آھي جو سنڌ جي ڪمائي جي آڌار تي غير سنڌي سنڌين تي حڪومتي ڪري کين غلام رکيو اچن ۽ سنڌين کي بيوقوف بنائڻ لاءِ پاڪستان جي سالميت، اتحاد ۽ يڪجھتئَ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي ڄڻ ته پاڪستان جي قيام ڪري سنڌين کي جنت نصيب ٿي ويئي آھي. سنڌ جا سمجھدار ماڻھو اھڙي پاڪستان تي لعنت وجھي ان سامراج کي ختم ڪرڻ لاءِ خدا کان دعائون گھري رھيا آھن. جيڪڏھن کين اسلام جي نالي ۾ ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته چون ٿا ته اھڙي ڌوڪي واري اسلامي تشريح کان بس ڀلي آھي.

9) ابتدا کان وٺي پاڪستاني حڪومت تي جن به سياستدانن جو قبضو رھيو آھي. اُنھن جي پاليسي کي مھاجر ـ پنجابي مستقل مفاد جا عيوضي ھلائي رھيا آھن.جن سنڌين جي جدا قوم کان انڪار ڪري اُنھن جي حقن جي گُفتگوءَ کي اسلام ، پاڪستان ۽ ملڪي سلامتيءَ جي خلاف سمجھي اھڙي گُفتگوءَ کي صوبه پرستي ملڪ دشمني ۽ اسلام جي انحرافئَ جي نالي سان بدنام ڪري سنڌي قوم پرستن کي سزائون ڏنيون آھن ۽ سنڌ جي خود مطلب سياستدانن کي خريد ڪري اڳيان آندو آھي.

10) سنڌ تي ٻاھران آندل اُردو ٻوليءَ کي ( جا پاڪستان جي ڪنھن به حصي جي زبان نه آھي) قومي ٻولي ڪري مسلط ڪيو ويو آھي. خود سنڌ کي به ٻن زبانن جو صوبو ڪري شمار ڪرڻ لڳا آھن. انھئَ پاليسئَ کي زور وٺائڻ لاءِ ريڊيي ، اخبارن، ٽيليويزن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ذريعي پرچار ڪري سنڌجي رھاڪن جا ذھن مسخ ڪيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف سنڌي ادب ۽ ڪلچر کي سخت نقصان پھچايو وڃي ٿو.

11) سنڌ مان ڪن نام نھاد، بي غيرت، بزدل ۽ خود مطلب پيرن ، ملن، سياستدانن، واپارين ۽ نوڪري پيشه ماڻھن کي برغلائي خريد ڪري يا ھيسائي، سنڌ جي ڪلچر ، سياسي ۽ اقتصادي مفادن خلاف ڪتب آندو وڃي ٿو. جي اھا حالت رھڻ ڏني ويئي ته سنڌ جا اصل رھاڪو اھڙن بي ضمير ماڻھن جي پوئلڳئَ ۾ پاڻ وساري ڌارين جي غلامئَ تي رضامند ٿي ويندا، جنھن ڪري اڳتي ھلي سندن حالت ريڊ انڊين يا اڇوتن جھڙي بنجي ويندي.

12) تازو پاڪستان اندر ”مسلمان مُلن جي سربراھن جي ڪانفرنس“ مسلم ملڪن جي اتحاد جي نالي ۾ سڏائي ماڻھن کي ڌوڪو ڏنو ويو ته اِھو ڪم اسلام کي زور وٺائڻ مسلم ملڪن جي حفاظت،اتحاد ۽ ترقي لاءِ ڪيو ويو ھو.

آئون انھن ڳالھين کي غلط ۽ ڌوڪو سمجھان ٿو اِھي ڳالھيون سنڌي قوم ۽ ٻين ننڍين قومن جي ماڻھن کي ڌوڪو ڏيئي، اُنھن جو رخ سندن حقيقي مسئلن کان موڙڻ لاءِ ڪيون وڃن ٿيون. اُن مان نه صرف سنڌين، بلوچن ۽ پختونن کي نقصان پھچي ٿو، پر عالم اسلام کي غير معمولي نقصان پھچڻ جو انديشو آھي. اُن تي مون مفصل بحث ھڪ جدا ڪتاب ” مسلم سربراھ ڪانفرنس جو تجزيو“ جي نالي سان لکي ، ان ڌوڪي جي قلعي کولي آھي.

1.ان بعد ”سيرت ڪانفرنس“ سڏائي ۽ مڪي ، مديني جي حرمن جا امام گھرائي ، ماڻھن کي اسلام جي نالي ۾ ڌوڪو ڏيئي سندن توجھ سنڌ جي حقيقي مسئلن کان ھٽائڻ لاءِ نئون ناٽڪ رچايو ويو آھي اِھي پيش امام رسول مقبول جي صحيح تعليم کان بي خبر ھُئا. اھي ۽ سيرت نبوي ، کوڙو ئي نٿو لڳي. آخر ھھڙي قسم جون ڌوڪيبازيون ڪري ماڻھن کي ڪيترو وقت برغلايو ويندو !

2.عربن طرفان پيش ڪيل اسلامي تشريح واري مذھب ۾ حج ڪرڻ اسلام جو مکيه رُڪن شمار ڪري، اُن کي ادا ڪرڻ فرض شمار ڪيو ويو آھي.پاڪستان کي مھاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سامراج قائم ڪرڻ لاءِ برپا ڪيو ھو. ان عام ماڻھن تي مذھب جي اثر ھئڻ ڪري ، ھر حربي کي جو سندن سامراج قائم رکڻ لاءِ ڪارآمد ٿي سگھيو ٿي استعمال پئي ڪيو آھي. انھن اِن ڳالھ کي سندن عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارآمد سمجھي ، ڪثير تعداد ۾ حج تي وڃڻ جي ماڻھن کي اجازت ڏيئي ، ملڪ جي گھڻي زرمبادله کي صرف ڪري اقتصادي نقصان پھچايو آھي. صرف سنڌ مان ھڪ سئو ڪروڙ رپيا سالينه ان طرح سان خرچ ٿين ٿا.عام سنڌين کي جا ڳالھ ذھن ۾ رکڻي آھي، سا اِھا آھي ته ڪثرت ماڻھو ڪھڙي ارادي سان حج تي وڃن ٿا. اُن پاليسئَ ڪري ملڪ کي فائدو پھچندو يا نقصان ؟ جي اِن جو مقصد گناھن جو معاف ڪرائڻ ، ثواب حاصل ڪرڻ ۽ نجات حاصل ڪرڻ آھي ته اِھا ڳالھ غلط ۽ گمراھ ڪُن آھي. ان بابت مفصل ذڪر ٻئي فصل ۾ ڪيو ويو آھي.

3.پاڪستان جي قيام کان وٺي ، ڀارت ۽ افغانستان سان پاڪستان حڪومتن جا تعلقات ٺيڪ نه رھيا آھن. اِنھن حڪومتن جو اصل مقصد مڪاني قومن جي ماڻھن جو توجھ مھاجر پنجابي مستقل مفاد طرفان ٿيندڙ استحصال جي ڳالھ کان ھٽائڻ آھي. اِنھئَ بھاني تي پاڪستاني حڪومتن آمريڪا واري سامراجي گروھ جي حڪومتن کان روس خلاف عھدنامه ڪري ھٿيار پئي ورتا آھن. ظاھر ائين پئي ڪيو ويو آھي ته پاڪستان جھڙي نوازائيده ملڪ کي ڀر وارن ملڪن کان خطرو لاحق ھو. اُن ڪري معاھدا ڪري ھٿيار ورتا وڃن ٿا. جو ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لازمي ھو، پر جيڪڏھن ان ڳالھ تي چتائي نظر ڪبي ، ته ان پاليسئَ جو اصل مقصد نئين سامراج ھيٺ آيل ننڍين قومن جھڙوڪ سنڌين، بلوچن تي مھاجر پنجابي مستقل مفاد جي تسلط قائم رکڻ معلوم ٿيندو. سنڌين کي ڏسڻو آھي ته گذريل ٽيھ سالن ۾ ڪھڙي ڀر واري ملڪ پاڪستان تي حملو ڪري اُن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڇا سنڌين تي تسلط رکڻ لاءِ اُھي حاصل ڪيل ھٿيار ڪتب نه آندا ويا آھن؟ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪيترائي دفعا ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري جمھوري حق سلب ڪري حڪومت ھلائڻ لاءِ اُھي ھٿيار ڪتب نه آندا ويا آھن؟ ڀر وارن ملڪن سان سمجھوتو ۽ صلح ھٿيارن جي آڌار تي حاصل نه ٿي سگھندو، جيسين تائين اُنھن ملڪن سان دشمنئَ جا مکيه ڪارڻ دور نه ڪيا ويا آھن. اچو ته چتائي ڏسون ته ڀر وارن ملڪن سان اختلاف جا مکيه ڪارڻ ڪھڙا ھئا. منھنجي نظر ۾ اُھي ھيٺيان آھن:

i. مذھب جي نالي ۾ جدا قوم جو نظريو مکيه ڪارڻ آھي،جنھن جي بنياد تي برصغير ورھايو ويو ھو: جنھن جي آڌار تي سنڌي،پٺاڻن ۽ بلوچ قومن جي ھزارن ورھين جي قوميت جي وجود کان انڪار ڪري اُنھن جي آزاديءَ کي سلب ڪيو وڃي ٿو، جنھن ڪري ڪشمير جو مسئلو کڙو ڪري ، ھندستان سان دشمني برقرار رکي وڃي ٿي. جنھن ڪري پختون قوم جي وجود کان انڪار ڪري سندن ھم قوم افغانستان وران جي راءِ سان اختلاف پيدا ڪيا ويا آھن.

ii. ھتي ھٿيارن جي ڪثير تعداد ۾ گڏڪرڻ ۽ لشڪر وڌائڻ مان ڀارت واسين کي ھر وقت پاڪستان اندر سندن خلاف پرچار قائم ھئڻ ڪري خودشا پيدا ٿين ٿا ته اُھي ھٿيار گڏ ان ڪري ڪيا ٿا ته اڳتي ھلي ڀارت جا ڪي ٽڪرا حاصل ڪيا وڃن. ٻئي طرف افغانستان کي اھو خطرو محسوس ٿئي ٿو ته اھو فوجي قوت کي وڌائڻ جو ڪم سندن ھم قوم پٺاڻن کي دٻائي محڪوم رکڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا دفعا مارشل لا لڳائي جمھوري حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ ، اھل بنگال ۽ اھل سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي استحصال ڪرڻ سان پڻ ھٿيارن جي گڏ ڪرڻ ۽ لشڪر وڌائڻ جو اصل مقصد ظاھرٿيو پوي.

4.پاڪستان بنجڻ کان پوءِ حڪومتن جي پاليسي اھڙي رھي ھئي جو سنڌ جا اصل رھاڪو، ڪارخانن، واپار، بئنڪن، مرڪزي نوڪرين ۽ زرعي زمين جي گھڻي حصي کان محروم رکيا ويا ھئا. مٿي ڄاڻايو ويو آھي ته ڪيئن نه 60لک کن ايڪڙ زرعي زمين ٿوري عرصي اندر غير سنڌين جي قبضي ۾ اچي ويئي آھي. نئين آئين مطابق جملي پاڪستان کي ھڪ ملڪ ۽ قوم تسليم ڪرڻ سان ان جي ھر ھڪ رھاڪوءَ کي حق ڏنو ويو آھي ته ھو ڪٿي به لڏي وڃي رھي سگھي ٿو.بلوچستان ۾ گھڻي زرعي زمين ندين جي پاڻئَ نه ھئڻ ڪري لائق آباد نه ٿي سگھي ٿي؛ سرحدي علائقي ۾ زمين اُتي جي رھاڪن لاءِ ڪافي نه آھي، جنھن ڪري اُھي لکن جي تعداد ۾ گذر معاش لاءِ ٻين علائقن ۾ سال به سال وڃن ٿا. پنجاب جي 59ھزار چورس ميل ايراضي آھي،ليڪن اُن جي آدمشماري تقريبآ ساڍا چار ڪروڙ وڃي ٿي آھي ۽ اُتي زمين تي آبادگارن جو اڳيئي بوجو گھڻو آھي جنھن ڪري سندس معيار زندگي ۽ روزگار جا ذريعا تنگ ٿيندا وڃن ٿا. باقي صرف سنڌ جو ملڪ وڃي رھيو آھي جنھن ۾ آدمشماري بنسبت پنجاب جي گھٽ آھي ۽ ايراضي 85 ھزار چورس ميل آھي، ۽ ٽي بئراج تيار ڪرائي به گھڻي زمين زراعت جي لائق بنائي وئي آھي ان ڪري سنڌين کي اھو خودشو پيدا ٿيو آھي ته اھل پنجاب جي وڌيڪ آدم شماري کي سنڌ تي مسلط ڪرڻ لاءِ ون يونٽ بنائڻ مارشل لا لاڳو ڪرڻ ، جمھوري حڪومتن کي ختم ڪرڻ سنڌين جي ھزارھا ورھين جي قومي وجود کان انڪار ڪرڻ جا سڀ ڪم کين ختم ڪرڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ٻيا اقتصادي وسيلا ته اڳ ۾ سندن ھٿان کسيا ويا آھن ، باقي زرعي زمين رھي ھئي ان مان به 20 لک ايڪڙ اڳي ڌارين جي ھٿ اچي ويا ھئا. پر جي اھو سلسلو جاري رھيو، ته اھو وقت پري نه آھي ته سنڌي ريڊ انڊين يا اڇوتن واريءَ حالت تي وڃي پھچندا . ويتر جيڪي سنڌي سندن حقن جي حفاظت لاءِ آواز اُٿارين ٿا ته انھن لي اسلام ـ پاڪستان جو دشمن سڏي سزائون ڏنيو وڃن ٿيون.

5.اڄ ڪلھ ريڊيي ، ٽيلي ويزن ، اخبارن ۽ ڪتابن کي پروپيگنڊا ڪرڻ جا مکيه اوزار ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو. پاڪستان جي قيام بعد مھاجر ، پنجابي مستقل مفاد اُنھن ذريعن کي سندن نظرين جي پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ ڪم آڻڻ شروع ڪيو آھي. مرڪزي سرڪار جي پاليسي جنھن صورت ۾ سندن اثر ھيٺ ھلي رھي آھي. تنھن ڪري پھريان ذڪر ڪيل ٻه ادارا سنڌ دشمن نظرين جي پر چار لاءِ ڪُتب آندا ٿا وڃن . اخبارون ،درسگاھون ۽ ڪتاب به اُنھن مضمونن سان ڀريا پيا ھوندا آھن . اخبارون سرڪاري سرپرستئَ ، نوٽيس ۽ اشتھار وغيره ڏيڻ ڪري ڪم و بيش خريد ٿي ھلن ٿيون.قوم پرست اخبارون ، رسالا ۽ ڪتاب يا ته ڇپجن نٿا ، ڇاڪاڻ ته پريسن کي ضبط ٿيڻ جو خطرو آھي، پر ڪنھن طرح ڇپجي وڃن ته اُنھن کي ضبط ڪيو وڃي ٿو. حالت اھا وڃي بيٺي آھي جو سنڌو ديش يا سنڌي قوم جو نالو وٺڻ ڏوھ شيار ڪيو وڃي ٿو. سنڌي حڪمران طبقي جو سندن آقائن جو ڊپ کان اھڙو ساھ سڪو پيو آھي جو سنڌوديش يا سنڌي قوم جو نالو سندن اڳيان وٺڻ کين گار ڏيڻ جي برابر سمجھڻ لڳا آھن.

ھن وقت حڪومت جي پاليسي اھا آھي ته ھر ڳالھ جا سنڌ جي فائدي لاءِ ڪئي وڃي ٿي ان کي ڏوھ سمجھي ، اخبارن ۽ رسالن تي بندش وڌي وڃي ٿي. پريسن کي ضبط ڪيو وڃي ٿو. سوين شاگردن ۽ قومي ڪار ڪن گھڻي عرصي کان نظربند يا جيلن ۾ رکيا ويا آھن. مون کي ان تحريڪ جو مکيه رُڪن قرار ڏيئي، رُڳو سنڌي قوم ۽ سنڌو ديش جي نظرئي ۾ اعتماد رکڻ ڪري ، دائمي نظربنديءَ ھيٺ رکيو ويو آھي. ٻئي طرف سنڌ دشمن يا سنڌ کي غلام بنائيندڙ ماڻھن کي قومي ھيرو بنائي ، انھن جا نالا شھرن ، رستن ، اسپتالن ، مارڪيٽن ، ڪاليجن ، اسڪولن، ليبر رين تي رکي سنڌين تي اھو اثر ويھاريو وڃي ٿو ته سنڌ دشمني يا سنڌ کي غلام بنائڻ عمدو ڪم ھو، جنھن ڪري انھن جي يادگيري ملھائي وڃي ٿي
.

سنڌو جي ساڃاھ
سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment