Wednesday 8 June 2011

بيگانگئَ جي عالم ۾ وطن جي يگانگت جو ڏٺل خواب! شھيد پروفيسر اعجاز سولنگي

بيگانگئَ جي عالم ۾ وطن جي يگانگت جو ڏٺل خواب!
وحشئَ جي خواب جھڙي ڪاري رات !
ڪوئي ڪارو ڪفن بڻجي دنيا تي ڇائنجي چڪي ھئي
5 مارچ
21ھين صدي جي بي خوف درويش
شھيد سميع الله ڪلھوڙي جي ورسئَ جو ڏڻ
۽ ھير ۾ شھيد جي معطر خون جي خوشبو
ڄڻ ھر ستل ضَمير کي، جنجھوڙي رھي ھئي
چنڊ کي اونداھ جو دِيو ڳھي چڪو ھو
چوڌاري موت جھڙي سانت ڇانيل ھئي
من اندر ۾ ھر کر ۽ ھوراکورا جي رکي رکي
دونھي دوکي رھي ھئي
خيال آوارا، بادلن جيان، يادن جي وادين مٿان
ڀٽڪي رھيا ھئا
ان وقت اچانڪ خيالن جو تسلسل ٽُٽو
ٽي وي تي ھڪ ٽِڪر ھليو
“ملير ۾ ھڪ گھر اندر بم ڌماڪوٿيو آھي”
“ھڪ فوت ٻه زخمي !”
ان فوتئَ جي سڃاڻپ جسمم جي قائم مقام
جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪولاچي ڄاڻائي وئي
ڄڻ ذھن کي ڀنواٽي اچي وئي
کن پل لاءِ سوچن جي ساگر ۾ ٻڏي ويس
۽ پوءِ وڃ وانگر ڪڙڪندڙ روح ڏاريندڙ خبرون؛
“ دھشت گرد آرمي سنڌو ديش لبريشن جو ڪمانڊر
بم ٺاھي رھيو ھو ته سگريٽ دکائڻ سبب بم ڦاٽي پيو”
اندر ۾ آنڌ مانڌا ڊڪو
ڄڻ پورن پويان پور جاڳي پيا
اکين ۾ ڄڻ سانوڻ جا بادل تري آيا
اندر مان ڄڻ جوالا مکئَ جو لائو اٻري پيو
شديد بيوسئَ جو احساس روح کي نھوڙي رھيو ھو
اندر ۾ ڪي ئي انومان اڀري پيا
تڏي تي ڪيئن وڃان!!
وڃان به يا نه وڃان!!
وِھ پياڪ عاشق جو تڏو به وِھ
ڪانڌپو به وِھ، سبيل به وِھ
گھڻائي ڪو نه ايندا، انھن ۾ مان به لڪي ويندس
پاڻ کي اندران ئي اندران ننڍڙو ماڻھو محسوس ڪرڻ لڳس
منھنجو استاد چوندو آ ته ؛
“ ھر انسان جي اندر ...
دودي ۽ چنيسر جي ازلي جنگ ۽ جدل ڇڙيل آھي
جي اھا جنگ دودو کٽي ٿو
ته انسان جو ڪردار دودي جھڙو ئي جڙي ٿو
۽ دودي جي مٿان چنيسر ڀاري پئجي وڃي ٿو
ته انسان جو ڪردار به چنيسر جھڙو ئي جڙي ٿو.”
وڏا وڏا تيس مار خان اھڙن موقعن تي ظاھر ٿي پوندا آھن
گھڻا دانشور ۽ اديب عياش لونڊيءَ جيان اي سي ھلائي سمھي پوندا آھن
ڪيترائي اُٺ پکئَ جا پُٽ،اھڙي لاتعلقي کي پنھنجو وجودي پناھ گاھ سمجھن ٿا
پر ھو انھئَ سچائي کي وساري ويھن ٿا ته؛
انسان جي سڃاڻپ ڳالھين ۽ عمده عمده لفظن مان نه،
بلڪ سندس تاريخي ڪردار مان ٿيندي آھي
ڄڻ جام ھستئَ ۾ ڪا متضاد پھلوئن جي ازلي ۽ اَبدي جنگ ڇڙيل آھي
اندر ۾ ڇڪتاڻ ، آنڌ مانڌ، اُڊڪن مٿان اُڊڪا چنيسر ،
دودي تي ڀاري پئجندي نظر اچي ٿو
ڄڻ ڪارن ڪارن ڪڪرن پويان چنڊ لڪي ٿو
۽ ذھن تي ننڊ جا بادل ڇائنجي وڃن ٿا
اکين ۾ خواب ترڻ لڳن ٿا
اوڻٽيھين جھڙي اونڌاھي ڀوائتي رات!!
۽ ڪنن ڏانھن وڌندڙ لانگ بوٽن جي ٽاپ ٽاپ جو آواز
۽ گھر جي بتئَ جي ٿڌڙي روشنئَ ۾ خاڪي وردي ۾ مبلوس ،
پاڪستاني فوجي ڊريس چنيسر جي ڏڪ ڏڪان......
ڀاڙيائپ جا دورا، نفسياتي مليريا جا جھٽڪا
اندر مان دٻيل دٻيل چنيسر جون چيخون ٿيون نڪرن
ضمير جي روشنئَ ۾ ڀاڙيائپ جو ڍڪ لھي پوي ٿو
انھئَ ڌيمي روشنئَ ۾ ان جو چھرو واضع نظر نه ٿو اچي
اچانڪ ڪوئي پراڻو ڄاتل سڃاتل آواز اڀري ٿو
جيڪو مخاطب ٿيندي چوي ٿو؛
“ اي مرده ضمير انسان! پنھنجي پيغمبر صفت رھبر جي ايم سيد جي فڪر سان عملي طور تي اھڙي ٺڳي!”
اڙي ليٽي ليٽي اڃان پيٽ نه ڀريو اٿئي ڇا ؟
بي شرم ، بي حيا، بي لڄا ، جوءِ جا دسيل، ڀاڙيا ڪنھن جاءِ جا لعنت آ تو تي. . . .
گھڙي پل لاءِ سانت ڇائنجي وڃي ٿي
وري ڪو آواز فضائن جو پيٽ چيري اڀري ٿو
ھو تيز ڀرئي انداز ۾ چوي ٿو؛
جي تو جھڙا جرئتمند ھوندا ته
پوءِ سنڌ جو خيرباد ئي ٿيڻوآھي
اُٿ ڙي لومڙ! اٿي بلب ٻار
آئون اُٿان ٿو، بلب ٻاريان ٿو.
ان شخص جو چھرو ڏسي مان تعجب ۾ پئجي ويس
ھو سابقه ڊڪٽيٽر جرنل ضياءَ ھو
مون کيس مخاطب ٿيندي چيو
جرنل ضيا تون........ ! ؟
ھا!! مان!! “ جرنل ضيا”
ھن انسان دشمن آدم خور رياست جو اڳواڻ ملازم مان ڪميڻو ضيا
پر او ڪميڻن جا سردار !
مان ته توکان گھٽ ڪميڻو آھيان
تون ته مون کان به وڌ ڪميڻو نڪري پئين
جڏھن تنھنجو رھبر بيمار ھُيو
ته منھنجي اندر ويٺل رنجيت سنگھ جو شيطان روح به
تنھنجي رھبر جي اعلي ڪردار ۽ اعلي ظرفي کان شرمائجي
تنھنجي رھبر جو اسپتال ۾ حال پُڇڻ آيو ھيس
ان ڪري جو ھڪ بي ضمير انسان به پنھنجو ڀيانڪ چھرو
اعلي ضمير جي آئيني ۾ ڏسندو آھي
تنھن ڪري مان ان حد تائين ڪميڻو نه پيو ٿي سگھان
جو تنھنجي عظيم رھبر، ضمير جي بانڌي ،
انسان کان حال به نه پڇي سگھان
۽ تون ايڏو ڪميڻو آھين
جو پنھنجي رھبر جي ٻچي جي وارثي ته پري
پر ان جي تڏي کي به باھ جو چلھو ٿو سمجھين
۽ ان جي سبيل کي زھر قاتل ٿو سمجھين
۽ ان جي ڪانڌپي کان به ڇرڪ ٿو کائين
تو وڏو بزدل ۽ ڪانئر انسان آھين
اي ڪانئر ! نڪ وڍيل بزدل.......
جڏھن تو ۾ دم ئي ناھي
پوءِ اھڙي دعوي جو جنجھنٽ ڇو کنيو اٿئي
پاڻ کي بزدلن جي قطار ۾ بيھار
ھڪ درويش جي روح کي ڇو ٿو رنجائين
اچانڪ ننڊ مان جاڳي پيس بلب ٻاريم
۽ آئيني جي سامھون اچي
پاڻ کي گھروڙي ڀونڊو ڏنم
۽ ڀڄي وڃي قافلي ۾ شريڪ ٿيم !...

شھيد پروفيسر اعجاز سولنگي

No comments:

Post a Comment